اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ٽيڪسٽائل ۽ ??ار??ينٽس جو شعبو پاڪستان جي روانگي واپار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، حڪومت ان شعبي جي پائي??ار?? ۽ ترقيءَ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائل ۽ ??ار??ينٽس جي شعبي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اپٽما جي چيئرمين ڪامران ارشد جي اڳواڻيءَ ۾ نمائندن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اپٽما جي وفد ۾ عامر فياض شيخ، چيئرپرسن ٽيڪسٽائل ڪائونسل ڪوه نور ملز، انيس خواجه، محمود گروپ ۽ ٻيا شامل هئا. ڪامران ارشد ٽيڪسٽائل ۽ ??ار??ينٽس جي شعبي کي پيش ايندڙ اهم چئلينجن ۽ انهن جي خطرن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ صنعتي ڪيپٽيو پاور پلانٽس کي گيس جي سپلاءِ کي امڪاني ڪٽجڻ، بجلي جي وڌيل قيمتن، وڌيڪ ٽيڪسز ۽ ل??ڪويڊيٽي جي گهٽتائي شامل آهي، جيڪا صنعتن جي چٽاڀيٽي کي ختم ڪري سگهي ٿي ۽ روانگي واپار تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. اپٽما جي نمائندن فنانس ايڪٽ 2024ع ۾ متعارف ڪرايل ايف بي آر جي ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم تحت ايڪسپورٽس لاءِ مقامي خري??ار??ءَ تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي واپس وٺڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير گڏيل ڪوششن ۽ مددگار پالي??ين ذريعي ٽيڪسٽائل ۽ ??ار??ينٽس جي روانگي واپار ۾ واڌ جي باري ۾ وفد سان ڳالهيون ڪيون. ڄام ڪمال وفد کي نئين مارڪيٽن کي تلاش ڪرڻ ۽ نئين ويلو ايڊڊ تيار ٿيل شين ۾ وڌيڪ نواڻ پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڄام ڪمال خان وفد کي خاطري ڪرائي ته واپار واري وزارت سندن مسئلن ۽ چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي.
ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽس جو شعبو پاڪستان جي روانگي واپار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha