ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گ??يل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خط??ب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنعت ?? واپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪا??وباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪا??وباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گ??يل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪا??وبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.
سيڙپڪاري ذريعي واپاري لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ چاھيون ٿا: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná