ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏ??ڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي ??يز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فواد هاشم رباني سان ملاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گيلاني ۽ اڳوڻو ايم پي اي سيد مجتبيٰ گيلاني به ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏ??ڻ پنجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سيد يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته ڏ??ڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون ??دليون ٿيون ??تي مستقل آفيسر مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا به انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ?? ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته سندس سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فراهم ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم ??يز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی