نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آه??، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان ??شڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آ??ن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ??يڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جن??ن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان ??نهنجي ماڻ??ن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان ??ستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.
عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان جو محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز