اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشم??ري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ??ي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سومر ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهايو. بيان موجب ان موقعي تي صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا ته انهن کي 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي قدمن جي سنگين نتيجن کان آگاهه ڪري سگهجي. هن پنهنجي خطن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي مستقبل جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي سيڪريٽري استحصال ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 2 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشن کي ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن عالمي قانون، امن ۽ سلامتي جي ڏس ۽ انساني حقن جي صورتحال جو تجزيو ڪيو. بيان موجب ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سومر ڏينهن جي اسلام آباد ۾ ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو کان پارليامينٽ بلڊنگ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير ان موقعي تي خاص مهمان هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف سرگرميون منعقد ڪيون پيون وڃن. پاڪستاني ۽ ڪشم??ري ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي فعال شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن به ڪشم??ري عوام جي خراب حالت بابت عالمي سطح تي آگاهي ??يدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.
پاڪستان پاران ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز