اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ مولانا فضل الرحمان سان سندن سيٽ تي وڃي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ايوان ۾ آيو ته ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحما?? جي سيٽ تي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان، اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، عامر ڊوگر ۽ زين قريشي سان پڻ سندن سيٽن تي وڃي هٿ ملايو. وزيراعظم ايوان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وزيراعظم سان بلوچستان مان ميمبرن خالد مگسي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن پڻ گروپ جي شڪل ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سان بئريسٽر عقيل ملڪ پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايوان ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪندو رهيو. وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) جي عورت ميمبرن پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان مختلف ميمبر پنهنجي تڪ?? جي مسئل?? جي حوالي سان کيس آگاهه ڪندا رهيا. وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي چيف وهپ طارق فضل چوڌري کي پڻ حڪم ڏنا. وزيراعظم سان وفاقي وزير اويس لغاري پڻ ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستا?? جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان پيپلزپارٽي جي چيف وهپ اعجاز جکراڻي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه مري پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) جي ميمبر راڻا قاسم نون پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان اتحادي پارٽين جا ميمبر پڻ ملاقاتون ڪندا رهيا ۽ کيس پنهنجي تڪ?? جي مسئلن کان آگاهه ڪندا رهيا. وزيراعظم سان شاڪر بشير اعواڻ، رشيد احمد خان پڻ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ مولانا فضل الرحمان سان سندن سيٽ تي وڃي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ