اسلام آباد – 12 – ??ار?? (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ڌا??ڻ تي زور ڏنو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان خيرسگالي مل??قا?? ڪئي. سفير ??زي??اعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيه جي قيادت پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم ٻيهر چونڊجڻ جي فوري پوءِ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران مبارڪباد واري ٽيليفون ڪال ۽ مبارڪباد جي پيغام کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مثالي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. ??زي??اعظم چيو ته ٻطرفي واپار جي سالياني 5 ارب ڊالر جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ڌرين کي واپار، دفاع، رابطن ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون ??ڌا??ڻ تي زور ڏنو. ان سلسلي ۾ هن ڪان ففٿ جنريشن جي ويڙهاڪ جهاز جي ڪامياب اڏام تي ترڪيه کي مبارڪباد ڏني. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه بنيادي مسئلن تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ڪندا رهندا. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف صدر اردوان جي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام ان دوري جي منتظر آهي جيڪو ٻنهي ڌرين کي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي ستين اجلاس دوران وسيع مشاورت ڪرڻ جو هڪ مفيد موقعو فراهم ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن