اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز سريف چيو آهي ته اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ سي پيڪ منصوبا گڏجي ملڪ کي معاشي تر??ي جي راهه تي گامزن ڪندا، چيني ڪمپين?? جي پاڪستان ۾ ڪرڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، چيني ڪمپنين سي پيڪ ۾ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ ۽ تر??ياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن کي ايوارڊز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ منصوبن پاڪستا?? جي صنعتي تر??ي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو جنهن سان نه رڳو نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا پر ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن. اسان بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو تحت سي پيڪ منصوب?? جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهايون آهن. اهو منصوبو چيني صدر شي جن پنگ جي ذهانت ۽ ويزن جو ع??اس آهي. انهن منصوب?? جي ڪري چيني ڪمپنين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ ڪئي آهي. صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاڪستان ۾ معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هاڻي سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گرين ڪوريڊور، انوويشن، آءِ ٽي ڪوريڊور، خصوصي اقتصادي زونز جهڙا وڏا منصوبا شامل آهن. اهي سي پيڪ تحت چيني ۽ پاڪستاني حڪومت جا ڪاروباري منصوبا آهن. اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) حڪومت جو اهم قدم آهي. اهو گهڻ رخو فورم آهي جنهن ۾ وفاق، صوبائي اڪائين ۽ پاڪ فوج جي نمائندگي شامل آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير ان معاملي ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. هو پاڪستا?? جي ڪاز کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙا نوجوان جن وٽ تعليم ۽ ٽيلنٽ ته آهي پر انهن وٽ نوڪريون نه آهن انهن کي ان سان روزگار جا موقعا ملندا ۽ اهي قومي تر??ي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهندا. ان سان ملڪ جي صنعتن ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ايس آئي ايف سي ملڪ جي تر??ي، سيڙپڪاري ۽ زرعي شعبي جي فروغ جي لاءِ اهم روڊ ميپ آهي. چيني ناظم الامور نه رڳو سي پيڪ منصوبن پر ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپ?? جي فروغ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو. جڏهن پاڪستان مشڪل وقت مان گذري رهيو هو ۽ اسان کي آءِ ايم ايف سان پروگرام ۾ مشڪل چئلينج درپيش هو. صدر شي جن پنگ، چيني حڪومت ۽ چيني ناظم الامور ا??ا?? جي ذاتي طور تي مدد ڪئي. هن چيو ته چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. چيني ڪمپينن کي يقين ڏياريان ٿو ته مشڪل وقت ختم ٿي ويو آهي. اسان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ نئين دور ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اسان پنهنجي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. ون ونڊو آپريش?? جي ذريعي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته چيني ڪمپنين ۽ بئنڪن ٻنهي ملڪن جو گڏيل خواب پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور محنت سان ڪم ڪيو. سي پيڪ انفراسٽرڪچر جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چي?? جي ناظم الامور پينگ چنڪسو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون ملهائي رهيا آهن. سي پيڪ منصوب?? جي رفتار تيز ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي منفرد رشتي ۾ ڳنڍيل آه?? جيڪي اعتماد تي قائم آهن. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد وارو خط موڪليو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ شروع ڪيل سي پيڪ منصوبي کي ٻنهي ملڪن پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو. سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. ٻنهي ملڪ?? جي عوام جي خوشحالي جي لاءِ گڏيل حصيداري کي فروغ ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ ۽ تر??ياتي ڪمن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني ڪمپنين ۽ بئنڪ?? جي نمائندن ۾ ايوارڊ ورهايا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، چيني ناظم الامور کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ۽ سي پيڪ منصوبا گڏجي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا: وزيراعظم محمد شهباز سريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین