اسلام آباد – 07 ??? آ??سٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شر??ف سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جمشيد علي والده، ان جو استاد وحيد اشرف ۽ گوجرانوالا بورڊ جو چيئرمين نويد حيدر شيرازي ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وز??ر راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا. وز??راعظم محمد شهباز شر??ف جمشيد علي کي سندس ميٽرڪ جي امتحانن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته جمشيد علي جا ماسٽرز تائين جا سمورا تعليمي خرچ حڪومت برداشت ڪندي، وز??راعظم جمشيد جي لاءِ ماهوار 30 هزار رپيا وظيفي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان کان واعدو ورتو ته هو اڳتي به تعليمي ميدان ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. وز??راعظم شاگرد خان مخاطب ٿيندي چيو ته تو??ان جهڙا هوشيار شاگرد پاڪستان جو فخر آهن، تو??ان جي ڪاميابي ۾ والدين ۽ استادن جي به محنت شامل آهي، تو??ان پاڪستان جي ٻين شاگ??دن جي لاءِ به رول ماڊل آهيو.
وزيراعظم سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس