اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه مخصوص علائقن کي ڇڏي ڪري ملڪ جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آهي، سياسي اختلاف مٿانهون رکندي پورو ملڪ پوليو جي ??ڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي، پوليو جي خاتمي جي ??ومي قدم کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو جي خاتمي جي گلوبل پوليو ريڊڪشن انيشي ايٽو (عالمي قدم) جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي ??يادت پوليو اوورسائٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلس ڪري رهيو هو. وفد ۾ ڊبليو ??يڇ او جو ريجنل ڊائر??ڪٽ?? ڊاڪٽر احمد المنڌاري، ريجنل ڊائر??ڪٽ?? يونيسيف جارج لاريه اوجي، نيشنل چيئرمين اين پي پي سي عزيز ميمڻ، روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي جي ??روگرام جا حصيدار ۽ امدادي ادارن جا عملدار شام?? هئا. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز وارو وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل به موجود هو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، مل جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آهي، سواءِ ڪجهه مخصوص علائقن جي جن کي وقفي وقفي سان ويڪسينيشن مهم ذريعي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي پورو ملڪ پوليو جي ??ڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي، پاڪستان جي حڪومت ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ ۽ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي ??اءِ ڪوششون اجري رکندي. وزيراعظم چيوت ه پوري پاڪستاني قوم بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونديشن، روٽري انٽرنيشنل، يونيسيف ۽ ڊبليو ??يڇ او سميت اسان جي حصيدارن ۽ امداد ڏيندڙن کي پوليو جي خاتمي لاءِ مدد تي ٿورائتي آهي. وفد پاڪستان مان پوليوج ي خاتمي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان اڻٿڪ ڪوششن تي وفد جا ٿورا مڃيا. هن حڪومت جي انهن ڪوششن تي پڻ روشني وڌي جن جي ??تيجي ۾ وائرس جي ڦهلاءُ تي ان حد تائين ضابطو آندو ويو آهي ته ملڪ جو وڏو حصو پوليو کان پاڪ ٿي چڪو آهي جڏهن ته رڳو ڪجهه علائقا باقي رهجي ??يا آهن جتي وقت بوقت پوليو جي خاتمي جي ??هم جي ذريعي پوليو جي خاتمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جي ??يمن کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان ڪنهن کي ان قومي ڪوشش کي سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي پشاور جو دورو ڪري ۽ پوليو وائرس کان بچاءُ جي ??اءِ ٻارن جي ڦڙا پيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي انهن علائقن ۾ پوليو جي خاتمي جي ??يڪسين جي ??راهمي لاءِ صوبائي حڪومت جي عملدارن سان گڏ ڪوششون ڪيون وڃن جتي پوليو جو وائرس اڃا به موجود آهي. ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلس وزيراعظم جي ??اءِ بل گيٽس پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻڌايو ته بل گيٽس پاڪستان مان پوليو جي خاتمي لاءِ ذاتي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهي. يونيسيف جي ڪنٽري ڊائر??ڪٽ?? وزيراعظم کي ملڪ جي ??وڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ۽ انهن علائقن ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم بابت آگاهه ڪيو. وفد سياسي معاملن کان مٿانهون ٿي ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي وزيراعظم کي ساراهيو.
پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه مخصوص علائقن کي ڇڏي ڪري ملڪ جي اڪثر حصن مان پوليو جو خاتمو ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر