اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي فرانس جي صدر اي??انوئيل مينخوان سان ملاقات ??يندي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ اي?? اي?? جي اي?? ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ??يندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر جي ملاقات ??يندي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ??يندي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ??يندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ??يندي. وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ??يندي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ??يندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.
وزيراعظم لنڊن کان آمريڪا پهچندو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر