اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر اقبال محمد علي خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيراع??م اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عق??دت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ??سا?? توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز