اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان??تا?? ۾ انساني بحران بابت آگ??هي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادري ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنهنجي ٽو??يٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته افغان??تا?? ۾ انساني بحران بابت آگ??هي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام افغان??تا?? ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران بابت آگ??هي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان افغان??تا?? ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خطرو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي فوري انساني ريليف فراهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو فوري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغانين کي فوري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽو??يٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽوري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو آهي ته هو افغان??تا?? جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو فوري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لاءِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر جي اپيل ڪئي وئي آهي.
افغانستان ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندس: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی