ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستا?? جي سفير شجاعت راٺوڙ به پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??ي. ??رڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اسپين کي ٻطرفي ۽ يورپي يوني?? جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسا?? جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محم??د قريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستا?? جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپي?? جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابطن کي فروغ ملندو جيڪو اسا?? جي اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ ام?? جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو ??ام?? آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2