اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشم??د آهيون. اها ڳالهه هن تر??ما??ستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دل??سپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ پاڪستان اچڻ تي تر??ما??ستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته تر??ما??ستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. تر??ما??ستان جي عوام ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ ايشيائي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشم??د آهيون. تر??ما??ستان جي پرڏيهي وزير پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کڑک