اسلام آباد ??? 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن ??ار?? ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سعودي ??رب جي قدم کي ساراهيندي ??ميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان ??ي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ??الهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي لاءِ پاڪستان مان ??م ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي فوري ريليف جي لاءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سعودي ??رب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ان دوري دوران ??يل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن ??ار?? ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي ??عودي ??رب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ??رڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سعودي ??رب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سعودي ??رب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.
اميد آهي دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل