گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ا??ندڙ مڪاني چونڊون به اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ ا??ورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ??ن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري ??ياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جن??ن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. ??ن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري ??گهندو. ??ن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري ??هي آهي.
پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ جو حق به ملندو: ڊاڪٽر شهباز گل
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب