اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فضل الرحمان جيڪڏهن ??واز شريف جو ايترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، انهن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو ا??تساب اداري جو سربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو ا??تساب ڪرائين. مولانا فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس پارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن ??خالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 تر??يم?? کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فضل الرحمان جو داڻو پاڻي بند آهي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فضل الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو حصو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن ??وجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ??ه توهان پنهنجا سڌارا کڻي اچو، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.
فضل الرحمان پارليامينٽ جو حصو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ