دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي جي ??ريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائن لاءِ پرعزم آهي، ترميز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي. اها ڳالهه هن تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ??جلاس جي موقعي تي قزاخستان جي ??در قاسم جمرات توڪائف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري ۽ ٽرانسپورٽيشن لنڪس سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پنهنجي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي ??ريعي وچ ايشيائي ملڪن سان وسيع پئماني تي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم خاص طور تي رابطن جي ??هميت ۽ سمنڊ تائين مختصر ترين رستو فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ??هم پوزيشن تي زور ڏنو. وزيراعظم ترمز – مزار شريف – ڪابل – جلال آباد – پشاور کي ملائيندڙ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي ??هميت کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪي ترقي کي جيوسياست کان جيواڪنامڪس ۾ منتقل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي ??ه وضاحت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ زميني ۽ فضائي رستن جي ??ريعي رابطا وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو، وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ??هميت تي به زور ڏنو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ??و افغان عوام جي مدد، فوري انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ معيشت جي ??ستحڪام جي ??رض سان قدم کڻڻ جي لاءِ رابطا جاري رکي. وزيراعظم ا?? ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي رابطن ۽ ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي ??ياسي مٽاسٽا جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم صدر توڪائف کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت جو ورجاءُ ڪيو، جڏهن ته صدر توڪائف وزيراعظم عمران خان کي قزاخستان جي ??وري جي ??عوت ڏني.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ خطي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ