اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊون 2023ع ۾ آءِ وٽنگ سان اوورسيز پاڪستانن کي ووٽ ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ رجسٽريشن جلد شروع ڪرڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو آهي، ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستاني رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي سان مل??ي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ووٽنگ جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزي?? سيد امين الحق، سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ، سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وفاقي سيڪريٽري نديم ا??شد ڪياني، انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزي?? سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، ڊي جي آءِ ٽي اي سي پي خضر عزيز ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته توهين عدالت کان بچڻ لاءِ چونڊن ۾ آءِ ووٽنگ سان ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي شرڪت يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو ماضي ۾ عدالت ان حوالي سان هدايتون ڏئي چڪي آهي، لاڳاپيل ادارا انفارميشن ٽ??ڪن??لاجي ۽ ٽيلي ڪيمونيڪيشن واري وزارت، سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وزارت، نادرا ۽ ٻاهرين مل?? مشنز، اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ تقريبن 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي رجسٽريشن لاءِ انتظام ڪري هن سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته هو موقف کي ثبوت جي طور تي اي سي پي کي بريفنگ لاءِ پروٽوٽائيپ اي وي ايم ٺاهي ته جيئن حتمي اي وي ايم اليڪشن ڪميشن پاران بهتر خصوصيتن موجب بڻائي سگهجي، هن چيو ته چونڊ سڌارن جو عمل اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ ۽ بنيادي ذميداري آهي.
پرڏيهي پاڪستانين کي اڃان تائين ووٽ وجهڻ جي سهولت ناهي ملي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری