اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ??ميٽي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پي پيز کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پيداوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ??ميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي ??زيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقا?? مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري ??هت?? جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آءِ پي پيز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي ??هت??ن ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پي پيز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پي پيز کي ??هت?? جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پ??ش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں