اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪرار?? علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن ??يو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمر??ن خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن ??يو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??يو آهي.
ڀارتي حڪومت تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ