مردان / اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چي?? آهي ته مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به حملن ۽ يلغار جي سياست ناهي ڪئي، اسان پرچيءَ ۽ ووٽ جي طاقت ۽ سياست سان ڪاميابي حاصل ??ئي. مردان شير ڳڙهه ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته عوام جي محبت ۽ جوش ڏسي منهنجي دل چوي ٿي ته ک??ي ڳالهايان ۽ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي، هڪ پ??ڪس??اني ٻئي پ??ڪس??اني سان دل جي ڳالهه ڪندو آهي ڇو ته پ??ڪس??اني جي حيثيت سان اسان جا ڏک ۽ خوشيون هڪ ئي آهن، اسان جي خوشي ۽ ڏک گڏيل آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پ??ڪس??اني تڪليف ۾ هجي ۽ وزيراعظم سک سان سمهي. هن چي?? ته اسان جو ۽ عوام جو رشتو ڏک ۽ درد ۽ خوشي جو رشتو آهي، عوام جي ڏک ۽ تڪليف کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٻه ڀيرا نه پر ٽ?? ڀيرا نواز شريف ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، ڪير اهو نه ٿو چئي سگهي ته نواز شريف جي سياست ۾ ملڪ جي خدمت نه ٿي، هن پنهنجو سک ملڪ جي عوام لاءِ قربان ڪيو.
مسلم ليگ (ن) ڪڏهن به حملن ۽ يلغار جي سياست ناهي ڪئي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری