رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي )سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فل??طيني عوام کي اسرائيلي ظلم کان بچائڻ جي حو??لي سان گڏيل ڪوششن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي ولي عهد ترڪيه جي صدر سان رابطي ۾ اسرائيلي قابض فوج جي وحشياڻي جارحيت جي مقابلي ۾ برادر فل??طيني عوام جي حمايت لاءِ عرب سميت مسلمان امت جي گڏيل ڪوششن جي حو??لي سان مملڪت جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن فل??طيني عوام خلاف جاري اسرائيلي حملن ۽ خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو. شهزاده محمد بن سلمان مصر جي صدر سان رابطي ۾ فل??طيني علائقن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڇڪتا?? ۾ ??ضافي اسرائيل جي لڳاتار خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ عرب ۽ اسلامي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.
سعودي عرب جي ولي عهد پاران ترڪيه ۽ مصر جي صدرن سان رابطو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی