لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين چيو آهي ته غلط بيان حلفي جمع ڪرائڻ تي شهباز شريف کي جيل وڃڻ گهرجي، شهباز شريف پنهنجي سيٽ جي فڪر ڪري، ??زي??اعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگ??ي، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ آ??ي، اهي اسلام آباد آيا ته انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي ??زي?? شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته مخالف ڌر پاران مريءَ ۾ سخت موسمي حالتن تي به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، شاهد خاقان عباسي جنهن تڪ مان چونڊيو، کيس پنهنجي ماڻهن جي مدد لاءِ اتي وڃڻ گهرجي ها پر هو پنڊي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو. هن چيو ته مريم نواز به ??ي حس سياست ڪئي، مخالف ڌر جي سياست اهميت نه ٿي رکي، انهن جو ڪم رڳو گوڙ ڪرڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف غلط بيان حلفي جمع ڪرايو، ايندڙ هفتي وفاقي حڪومت پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ ڪيس فائيل ٿي ويندو، شهباز شريف کي پنهنجي سيٽ جي فڪر ڪرڻ گهرجي، ??زي??اعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگ??ي، ان ڪيس ۾ 5 سال جي نااهليت آهي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ جهڙو نظام چاهيو پئي پر اسان جي اتحادين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته پنجاب ۾ ضلعي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ڪرايون وڃن. نظام هڪ ئي آ??ي، خيبرپختونخواهه ۾ تعلقي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ٿيون، هتي ضلعي سطح تي چونڊون ٿيند??ون. احتساب جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي ??زي?? چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ٿي چڪي آ??ي، شهباز شريف ۽ حمزه شهبا?? جا ڪيسز عدالتن ۾ آهن، ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ وڏيون مڇيون ان تالاب مان ٻاهر هونديون، ايندڙ چونڊن ۾ اهي ماڻهو نه هوندا. چوڌري فواد حسين چيو ته زرداري صاحب کان اومني اڪائونٽس ڪيس ۾ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ماڻهن جي خواهش هئي ته احتساب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته جهانگير ترين پارٽي جي خلاف ڪو بيان ناهي ڏنو، شادي وغيره جي تقريبن ۾ گپ شپ ٿيندي رهندي آهي. ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب يا سينٽرل پنجاب هجي سڄي ملڪ مان ووٽ عمران خان جو آ??ي، اسان کي عمران خان جي نالي تي ووٽ مليو آ??ي، عمران خان جي نالي تي ووٽ وٺي اسان اسيمبلين ۾ آيا آه??ون. هن چيو ته لانگ مارچ اصل ۾ لونگ گواچه آ??ي، مخالف ڌر ان جي ڳولا ۾ نڪتل آ??ي، مخالف ڌر جي نه ڪا سياست آهي ۽ نه ئي ڪو مقصد. هن چيو ته فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، بنيادي طور تي مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آ??ي، اهي اسلام آباد آيا ته اسان انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن، انهن جا جيترا ماڻهو آهن اهي تنبوئن ۾ اچي ويندا.
غلط بيان حلفي جمع ڪرائڻ تي شهباز شريف کي جيل وڃڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن