اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين، اس??ن جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌي??ن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي عالمي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ ب??تر??ن انتظامن کي ساراهيندي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ب??تر??ن سفارت جي لاءِ معاشي پاڻڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پاڪست??ن جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اس??ن جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پاڪستان عالمي برادري جي ڌي??ن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.
پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهنداسين: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس