اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، اسرندڙ ملڪن جو پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو، ناڪامي جو ملبو به اسان جي مٿان وڌو ويو، هاڻي به افغانستان ۾ ڊگهي خانه جنگي ٿي وڃي ته ??ن جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ??ري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد نٿو ??ري جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ??ري رهيو هجي ها ته گهڻو شور مچي ها، اسان جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽي طرح جا نظام هلي رهيا آهن، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندي آهي، اسان کي ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اسان کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اپليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته قومون جي وچ ۾ فرق ئي قانون جي حڪمراني جو آهي، غريب ملڪن ۾ وسيلن جي کوٽ غربت جو سبب نه آهي پر قانون جي حڪمراني ئي معاشري ۾ ميرٽ ۽ تهذيب وڌندي ويجهندي آهي، جهوريت اتي ئي مستحڪم ٿيندي آهي جتي قانون جي حڪمراني هجي، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، قانون جي حڪمراني اهڙي طرح جي ڏوهاري پيشيور ماڻهن کي اڳتي اچڻ کان روڪيندي آهي، وزيرا??ظم چيو ته ??دعنواني قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي هڪ علامت آهي، اسرندڙ ملڪن جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، اسان جي ملڪ ۾ تحقيق جي شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي ڇو ته ??حقيق سان حقيقي سوچ وڌندي ويجهندي آهي ڇو ته ??يڪڏهن تحقيق نه ٿئي ته پوءِ ٻيا ماڻهو اسان جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهن، اسان پنهنجي راءِ سان حقيقتون سامهون نٿا آڻي سگهون، وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان افغان جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو پر ناڪامي جو سڄو ملبو پاڪستان تي وڌو ويو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، آمريڪا جي ڪنهن ٻي اتحادي جو ايترو نقصان ناهي ٿيو، 30 کان 40 لک ماڻهو بي گهر ٿيا جڏهن ته ??سان جي معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، گذريل 10، 12 سالن دوران ڪنهن اولهندي ملڪ جي اخبار پاڪستان کي ان جو ڪريڊٽ ناهي ٿيو الٽو پاڪستان کي ڊبل گيم ڪرڻ جو الزام ڏنو ويندو رهيو، غلطيون هو پاڻ ??ري رهيو هو ۽ قصور وار پاڪستان کي بڻايو ويندو رهيو، اسان انهن الزامن جو ان ??ري جواب نه ڏئي رهيا هئاسين ڇو ته ??سان جي ملڪ جي قيادت جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪو به ٿنڪ ٽينڪ موجود نه هو، مسئلن جي حل لاءِ اسان کي ليڊرشپ جي کوٽ درپيش هئي، هن چيو ته هاڻي به افغانستان ۾ جيڪڏهن ڊگهي گهرو ويڙهه ٿي وڃي ها ته ??ن جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو پر الله تعاليٰ اسان کي ان کان محفوظ رکيو آهي، وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ اهو انتهائي شرم جي ڳالهه هئي ته ??سان جنهن جو ساٿ ڏئي رهيا هئاسين، اهو اسان کي اتحادي به قرار ڏئي رهيا هئا، اسان جي مٿان بمباري به ??ري رهيا هئا، اسان جي ماڻهن جون جانيون به ويون پر الزام به اسان تي ئي لڳندو رهيو هو ۽ گڏوگڏ امداد ڏيڻ جون ڳالهيون به ڪيون پئي ويون، وزيرا??ظم چيو ته ??ن وقت اسان جو ملڪ به ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ طبقو آمريڪا جو مخالف هو ۽ ٻيو آمريڪا جي حمايت ۾ اڳتي اچي ويو جنهن جي ??ري اسان پنهنجو موقف ان طريقي سان دنيا جي سامهون نه آڻي سگهياسين، وزيرا??ظم چيو ته مسلمان دنيا ۾ ئي اهڙا ٿنڪ ٽينڪس موجود نه هئا جيڪي اهو جواب ڏين ته ??سلام ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق نه آهي، سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جا ذميدار اسان نه آهيون، ڪو به مذهب دهشتگردي جي اجازت نٿو ڏي، انساني معاشرن ۾ انتهاپسند، اعتدال پسند ۽ آزاد خيال هر طرح جا ماڻهو هوندا آهن پر مذهب جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. اولهه ۾ رهندڙ مسلمانن کي نائين اليون کانپوءِ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر دنيا ۾ مسلمان قيادت پاران ان حوالي سان ڪو به جواب سامهون نه آيو. وزيرا??ظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ??ري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد ناهي ڪندو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ??ري رهيو هجي ها ته ??مام گهڻو شور مچي ها، اسان جا ٿنڪ ٽينڪس هجن ها ته هو ان معاملي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪن ها، هندستان ۾ نسل پرست حڪومت هڪ بدقسمتي آهي، جنهن جون فاشٽ پاليسيون آهن ۽ اقليتن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن وقت ڀارت ۾ اقيلتن کي مشڪلاتون درپيش آهن، وزيرا??ظم چيو ته قومي سلامتي جو هڪ وسيع تناظر آهي، جيستائين جامع ترقي نه ٿئي قومي سلامتي يقيني نٿي بڻجي سگهي. جيڪڏهن هڪ ننڍو طبقو امير ٿيندو وڃي ۽ ڪمزور طبقو ڪمزور تر ٿيندا رهيا ۽ هڪ علائقو تر??ي ڪري وڃي يا ٻه ٽي شهر تر??ي ڪري وڃن ته ??اقي ملڪ يا صوبا پوئتي رهجي ويندا ته ??هو ملڪ به محفوظ ناهي هوندو، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندو آهي، ڪجهه ماڻهن جي امير ٿيڻ سان ڪو به ملڪ مستحڪم نٿو ٿي سگهي، وزيرا??ظم چيو ته ??نساني ترقي تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽن طرح جا نظام هلي رهيا آهن، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻن لاءِ پهريون ڪڏهن به ڪنهن نه سوچيو، نئون آبادياتي نظام ۾ تعليم کي ٺيڪ ڪرڻ بدران ان ۾ وڌيڪ مشڪلاتُون پيدا ڪيون ويون، وزيرا??ظم چيو ته ??سان جي ملڪ ۾ معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ضرورت آهي ته ??يئن بهتر تحقيق جي ذريعي صحيح معنيٰ ۾ قومي بيانيو سامهون آڻي سگهجي، هن چيو ته ??ير ملڪي ٿنڪ ٽينڪس انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ عنصرن کي ئي سڄي معاشري جو عڪاس سمجهندي آهي، وزيرا??ظم چيو ته ??سان جو دين عام ماڻهو کي متاثر ڪندو آهي، اسان جو مضبوط خانداني ۽ مهذب نظام آهي، اسان وٽ به انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن پر ان جو سبب اهو آهي ته ??سان غير منصفاني تعليمي نظام کي ٺيڪ نه ڪيو، وزيرا??ظم چيو ته ??حقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٿنڪ ٽينڪس جي جيئن جيئن ساک وڌندي اسان لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون وينديون، جڏهن به ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي خلاف ڪا مهم هلندي آهي ته ??منڊ پار پاڪستانين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اسان کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي.
قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ ڏوهاري ماڻهُو اڳيان ايندا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteios quina