اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ??رعزم آهي. اها ڳالهه هن برطانوي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبر لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن پ??ڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پ??ڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ گهرا، ڊگهي مدي وارا ٻطرفا لاڳاپا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ??ه مون کي پنهنجي برطانيه جي تازي دوران دوران برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سان ملاقات جو موقعو مليو، مون برطانوي هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪش??ير جي مسئلي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان پ??ڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرين جو?? خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. لارڊ واجد خان پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي تازي برطانيه جي دوري ۽ برطانوي پرڏيهي وزير لزٽرس سميت برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقاتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي هوائي سفر جي حوالي سان برطانوي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ??رڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.