رپورٽ: شهزاد علي اڪبر
احساس پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ سهولتن سان ليس پناهگاهن جو قيام معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي، اهي پناهگاهون گهرن کان پري اهڙن ماڻهن جي ??هائش جون ضرورتون پوريون ڪري رهيون آهي جيڪي رهائش جا خرچ برداشت ڪرڻ جي ??گهه نه ٿا رکن. وزيراعظم عمران خان جي ??ڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا، پناهگاهون قائم ڪرڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي شديد گرمي ۽ سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، حڪومت انهن کي پناهگاهن جي ??ورت ۾ هڪ اهڙي سهولت فراهم ڪئي جتي انهن ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي ماني سميت رهائش جي ??هولت ميسر هجي.
سيپٽمبر 2020ع کانپوءِ احساس پناهگاهن جي ??ريعي 5 لک 6 هزار 521 ماڻهو ان سهولت ما?? فائدو وٺي چڪا آهن جنهن مان 57 هزار 338 ماڻهن کي رهائش ۽ 4 لک 49 هزار 183 ماڻهن کي کاڌي جي ??هولت فراهم ڪئي وئي، فيبروري 2021ع دوران هيستائين 51 هزار 860 ماڻهن انهن پناهگاهن ما?? فائدو حاصل ڪيو، جن مان 4 هزار 718 ماڻهن کي رهائش ۽ 47 هزار 142 ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ??لائقن بهاره ڪهو، منڊي موڙ، پشاور موڙ، ترلائي ۽ ترنول ۾ قائم 5 پناهگاهن مان هن وقت تائين 4 لک 82 هزار 30 ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن، جن مان 56 هزار 673 ماڻهن کي رهائش ۽ 4 لک 25 هزار 357 ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويو، حڪومت هاڻي ان منصوبي کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختوانخواهه تائين وڌائڻ ۾ مصروف آهي.
جهلم سان تعلق رکندڙ عامر نديم وزيراعظم عمران خان جي ??نهي قدم کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان غريب شهرين کي بهترين سهولت ملي آهي، اهڙا قدم تمام گهڻو اڳ کڻڻ گهرجن ها. هن پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پناهگاهن ۾ ماڻهن جي ??اخلا جو باقاعده طريقيڪار آهي، پاڪستان بيت المال هتي صفائي جا بهترين انتظام ڪيا آهي، عملو پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن سان ڀرپور تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته انهن سهولتن جي فراهمي کانپوءِ اسان جو به فرض بڻجي ٿو ته اسان عملي سان تعاون ڪريون ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريون.
صوابي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمود حسن پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اها غريبن ۽ پورهيتن لاءِ بهترين سهولت آهي،ان کان اڳ غريب ماڻهن کي شديد سرديءَ ۾ دڪانن جي ٻاهر ۽ فوٽ پاٿن تي سمهڻو پوندو هو، هاڻي پناهگاهن ۾ انهن کي آرامده بسترا دستياب آهن جيڪا غريبن لاءِ تمام وڏي سهولت آهي.
جي نائين پناهگاهه جي ??فٽ انچارج محمد عبيدالله عباسي ٻڌايو ته سندس انتظام هيٺ پناهگاهه ۾ 100 بسترا آهن جتي قيام ڪندڙ ماڻهن کي رهائش ۽ کاڌي سميت طبي سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو پاڪستان بيت المال جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، پناهگاهن ۾ هڪ باقاعده طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي ٿو، جنهن موجب پناهگاهه ۾ قيام جي ??واهشمند ماڻهو جو سي اين آءِ سي ورتو وڃي ٿو ان مان حاصل ڪيل معلومات موجب ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي بستري جو نمبر لکيل هوندو آهي. هن ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ قيام ڪندڙن کي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٿي. عبيدالله عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن مان بيمار ماڻهن جي لاءِ ”پنهنجو ڊاڪٽر“ جي نالي سان باقاعده طبي سهولت موجود آهي. پناهگاه ۾ ڪنهن به بيمار ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ آن لائين ڊاڪٽر دستياب هوندو آهي.
هڪ ٻي شفٽ انچارج ميمونه قريشي ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ ايندڙ ماڻهن جو اڳ ۾ معائنو ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن کي سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي ??هولت ڏني وڃي ٿي. رهائش جي فراهمي ۾ بزرگ ۽ بيمار ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي ??هولت لاءِ اهڙا بسترا ال??ٽ ڪيا وڃن ٿا جتان انهن کي واش روم تائين وڃڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.