اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومت جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته م??لي سال جو خسارو 9.1 سيڪڙو متوقع هو ??يڪ?? هن وقت 8.1 سيڪڙو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 2 سالن جي عرصي ۾ 17 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي جڏهن حڪومت ملي ته جاري مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، ٻن سالن دوران روانگي واپار وڌائڻ ۽ غيرضروري درآمدات ۾ گهٽتائي جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب ڊالر مان وڌي 12.5 ارب ڊالر تائين پهچي چڪا آهن، غريب ۽ پٺتي پيل طبقا وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهن، تعميراتي شعبي جي لاءِ موجوده حڪومت تاريخي رل??ف پئڪيج ڏنو جنهن ۾ انهن طبقن جي ضرورتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي باوجود احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 50 لک غريب خاندانن تائين مڪمل شفاف انداز ۾ م??لي امداد پهچائي وئي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي پڻ ضرورت جي شين تي ر??ايتي پئڪيج ڏنو ويو، وزيراعظم ڪچي آبادي جي رهواسين کي بي گهر ڪرڻ بدران قومي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ کوکن جي حو??لي سان سي ڊي اي کي پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي ڪابينا اين آءِ آر سي جي چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ۽ شاهد محمود خان کي پارڪو جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن، وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي ۽ غريب ۽ وچين طبقي جي لاءِ قدمن جي حو??لي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت جي موثر ۽ ٺوس ڪوششن جي ڪري اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪوويڊ 19 جي باوجود معاشي انگ اکر بهتر رهيا ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ۽ پورهيت طبقن جي بهتري تي ڌيان ڏنو ويو ۽ اهوئي سبب آهي جو دنيا ان ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي. هن چيو ته بلوم برگ جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي نمبر ون اسٽاڪ ايڪسچينج قرار ڏنو آهي جڏهن ته موڊيز به اقتصادي بهتري جي درجابندي ۾ پاڪستاني معيشت کي مستحڪم قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن به غريب ۽ وچين طبقي جو ذڪر اچي ٿو ته وزيراعظم عمران خان چوڪس ٿي وڃي ٿو ڇو ته اهو طبقو وزيراعظم جي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته تعميراتي شعبي جي لاءِ ??يڪ?? پئڪيج ڏنو ويو ان ۾ به غريب خاندانن جو خيال رکيو ويو آهي، تعميراتي شعبي جي بح??لي سان نه رڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيندو پر سرگرميون بحال ٿيڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته جهڙي طرح حڪومت ڪورونا وبا تي الله جي مدد سان ضابطو آندو، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي ۽ دنيا ان حڪمت عملي جا مثال ڏئي رهي آهي.
وفاقي ڪابينا کي ناڻي واري صلاحڪار اقتصادي صورتحال تي بريفنگ ڏني: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج