اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، اسان جي رو??يت?? ۽ ايٽمي طاقت جو مقصد عالمي ۽ علائق??ئي امن کي يقيني بڻائڻ آهي، ان لاءِ پوري دنيا، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان امن ۽ دوستي چاهيون ٿا پر ڀارت جو غير ذميداراڻو طرز عمل ۽ ان طرفان لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري جي مسلسل خلاف ورزي جي واقعن خطي جي امن کي داءُ تي لڳ??ئي ڇڏيو آهي. هو پريڊ گرائونڊ ۾ خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ عزم جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو، اهو عزم جيڪو يقين ۾ بدليو ته ان جي طاقت ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي قائداعظم جي دور انديش قيادت ۾ هڪ اهڙي قوت عطا ڪري ڇڏي جنهن جي جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي تاريخ ۽ جاگرافي??ئي ٻئي تبديل ٿ?? ويون ۽ ڀٽڪيل قوم کي دنيا جي نقشي تي هڪ دائمي ۽ واضح نظر??ات?? سڃاڻپ ملي وئي.
پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي: صدر ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ