اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي??وس??ئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نائن اليون جي واقعي کانپوءِ مسلمان آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جو??شانو بڻيل آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن سان سڄي دنيا ۾ ڳڻتي ۽ خوف جي فضا پيدا ٿي وئي آهي. پي ٽي وي جي پروگرام چوٿون ٿنڀ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پهرين ۽ ٻي عالمي ج??گ ۽ عراق جنگ سميت جيتريون به جنگيون ٿيون آهن انهن ۾ انسانيت جو سڀ کان وڌيڪ قتلام آمريڪا ڪيو پر هاڻي هو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ انسان دوست پيش ڪري ٿو، مسلمان ان جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيا آهن. مسعود ملڪ چيو ته 7 مسلمان ملڪن تي پابندي لاڳو ??رڻ جي ڳالهه اتي ??نگ نه ڪندي جيڪڏهن مسلمان امت نوٽيس نه ورتو ته ڳالهه اڳيان وڌي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2