دي هيگ- 22 نومبر (اي پي پي) اسرائيل آمريڪا ۽ ارجنٽائن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) پ??را?? اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ فلسطيني اٿارٽي اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ کي ??ٺو قدم قرار ڏنو آهي.گرفتاري وارنٽ غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي فوجي ڪاررواين دوران جنگي ڏوهن جي الزامن هيٺ جاري ڪيا ويا آهن. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتين يا??و عدالتي قدم کي يهودي مخالف قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو جديد دور جي ڊريفس ٽرائل وانگر آهي جيڪو ان ئي وانگر ختم ٿي ويندو. آمريڪي صدر آءِ سي سي پ??را?? اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کي ڇڪتاڻ وارو فيصلو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته اسان اسرائيل جي سلامتي کي لاحق خطرن خلاف اسرائيل سان گڏ آهيون. ارجنٽائن جي صدر جاويئر ميلي ”ايڪس“ تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته سندن ملڪ ان عدالتي فيصلي سان اختلاف جو اعلان ڪري ٿو، جيڪو حملن جي جواب ۾ اسرائيل جي دفاع جي حق کي نظر انداز ڪري ٿو. يورپي يونين ۽ پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اهو عالمي عدالت جو فيصلو آهي ان جو احترام ڪندي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. فلسطيني اٿارٽي چيو آهي ته آءِ سي سي جو فيصلو عالمي قانوني ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار آهي. فلسطيني اٿارٽي آءِ سي سي جي فيصلي کي ??المي ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار قرار ڏنو آهي. فلسطيني اٿارٽي عدالتي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته اهي نتين يا??و ۽ يوايو گيلانٽ سان رابطا ۽ ملاقاتون ختم ڪرڻ واري پاليسي تي عملدرآمد ڪري. ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل ايگنس ڪالامرڊ جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پ??را?? گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نتين يا??و هاڻي سرڪاري طور تي هڪ گهربل ماڻهو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير هاڪن فيدان اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري قدم جي تعريف ڪندي ان کي ??هم قرار ڏنو. اٽلي جي دفاع واري وزير گويدو ڪاسٽيو چيو آهي ته اسان جو ملڪ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتين يا??و ۽ دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ جي دوري جي موقعي تي انهن کي گرفتار ڪرڻ جو پابند هوندو. اسپين جي حڪومت جو پڻ اهو چوڻ آهي ته انهن جو ملڪ ان فيصلي جو احترام ڪندي ان جي پابندي ڪندو. اسپين جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن پ??را?? روم جي آئين ۽ عالمي قانون کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون ??ون??يون. هوڏانهن بيلجيئم جي پرڏيهي وزارت جو پڻ چوڻ آهي ته ڏوهه جتي به هوندو بيلجيئم ان جي سزا تي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ جي خلاف هوندو.
اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير جا گرفتاري وارنٽ، آمريڪا ۽ اسرائيل جي مذمت
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔