تل ابيب-29 آڪٽوبر (اي پي پي) اسرائيل جي ميڊيا اڳڪٿي ڪئي آهصي ته اسرائيل ايران تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل جي ڪابينه ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي رهائش تي ڪيل ڊرون حملن جي جواب ۾ ايران تي هڪ ڌار حملو ڪري سگهجي ٿو. اسرائيل جي ڪابينه کي اهو به ٻڌايو ويو ته ايران تي ڪيل اسرائيلي ح??لي ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي رهائش تي ڊرون ح??لي جو ردعمل شامل نه هو ۽ ان ڊرون ح??لي جي ردعمل ۾ اسرائيل تي هڪ ٻيو ح??لي جو امڪان آ??ي. ان کان اڳ اسرائيلي هٿياربند فوج ايران ۾ فوجي هدف تي فضائي حملا ڪيا هئا جن ۾ م??زا??ل سازي جي سهولتن ۽ فضائي دفاعي بيٽرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ ايران طرفان اسرائيل تي 200 جي لڳ ڀڳ بيليسٽڪ م??زا??ل فائر ڪيا ويا هئا. جنهن سان 2 فضائي اڏن کي نشانو بڻايو ويو هو. واضح رهي ته لبنان جي گروپ حزب الله گذريل هفتي اسرائيل جي سامونڊي ڪناري واري شهر قيصريه ۾ اسرائيل جي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي ح??لي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ اسرائيل ان گروپ کي ايران جو پراڪسي فورس سمجهي ٿو. اسرائيلي وزيراعظم ڊرون ح??لي وقت اتي موجود نه هو.
ايران تي وڌيڪ حملا ٿي سگهن ٿا: اسرائيل جي ميڊيا
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena