اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سال 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان جي مدي جي شروعات جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ هڪ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ اسلام آباد ۾ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي ريزيڊنٽ مشنز جي سربراهن ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ تجربي جي ڀرپور ميراث ۽ گڏيل ??ومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پختو عزم کڻي آيو آه??. هن عالمي امن ۽ سلامتي ۾ پاڪستان جي حصيداري جي ذريعي خاص طور تي گڏيل ??ومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪ??ششن ۾ ان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود مسئلن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جو خواهشمند آه??، پاڪستان ڪائونسل جي ميمبر جي طور تي طاقت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني استعمال يا ڌمڪي جي مخالفت ڪندو رهندو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي ۽ ان جي سمورين شڪلين ۾ مقابلو ڪيو ويندو ۽ پاڪستان گڏيل ??ومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي ڪ??ششن جي حمايت ڪري ٿو. نائب وزيراعظم پاڪستان کي گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊجڻ ۾ ڀرپور حمايت تي گڏيل ??ومن جي سمورن ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي سلامتي ڪائونسل جي سمورن ميمبرن سان تعميري ڪ?? ڪرڻ، گڏيل ??ومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ اتفاق راءِ کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل ??ومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن موجب گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
اسحاق ڊار پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان جي مدي جي شروعات جي موقعي تي آجياڻو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج