اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي حڪومت، گئس سپلائرز ۽ فرٽيلائيزر ا??ڊسٽري جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀاڻ جي صنعت ??ي لاءِ گئس جي دستيابي جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان کي اطمينان جوڳو ڏٺو ويو. نائب وزيراعظم پيداوار ۽ ذخيري کي مستحڪم بڻائڻ ??ي لاءِ ربيع جي فصل جي پوري موسم ۾ ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ