اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي گادي واري ??هر قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ 21هين ڊي – 8 پرڏيهي وزيرن واري ڪا??ونسل جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هنن سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ س??يت عوام سان عوام جا رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم فلسطين تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا