بيجنگ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي?? ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال وفد سان گڏ بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پاڪست??ني وفد جي آجيان آءِ سافٽ اسٽون جي عالمي ڪاروبار جي نائب صدر مسٽرين لو ۽ انٽيليجنٽ اليڪٽرانڪ جي نائب صدر مسٽر لي چوان ڪي??. و??اقي وزير احسن اقبال هيڊڪوارٽر ۽ نمائش جي علائقي جو دورو ڪيو، جتي کيس ڪمپني جي جديد منصوعات، خدمتن ۽ حل جو مظاهرو ڏيکاريو ويو. ان موقعي تي کيس وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا ۾ ڪمپني جي ڪاروباري ترقي جي منصوبن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪست??ني وفد به سي پيڪ جي تعمير ۾ ٽيڪنالاجي جي انضمام تي هڪ بريفنگ ڏني. ٻنهي ڌرين آءِ ٽي جي شعب?? ۾ ??ستقبل ۾ تعاون ۽ عملي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته هو جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي منصوعات ۽ حل تيار ڪرڻ لاءِ تعاون ڪن. پاڪست??ني وفد ۾ سياسي قو??صلر حسيب گوهر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قو??صلر خان محمد وزير ۽ رٿابندي?? ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي انفرااسٽرڪچر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مزمل ضيا شامل آهن.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال پاران بيجنگ ۾ آءِ سافٽ اسٽون انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن