اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان پن??نجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ م??جوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پن??نجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پن??نجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ م??جوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت