چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاق?? وزير سردار اويس احمد خان لغاري چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ رو?? وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس ??لي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ڊويزن مان جاري بيان موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاق?? وزير اويس احمد خان لغاري توانائي جي رٿائن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغاري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي گهرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن وچ ۾ توانائي جي بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنه?? وزيرن باقاعده رابطن ۽ ??ثر??ئتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. ٻنه?? وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي گهرن جو ??ثر??ئتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ ??ي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.
توانائيءَ واري وفاقي وزير جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب سان ملاقات، توانائيءَ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ