اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا اي ستار سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي ۽ پاپوليشن ڪائونسل جي گڏيل سهڪار سان بينظير نشو و نما پروگرام ذريعي عورتن جي صحت، ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي ۽ تازن ڄ??ول ٻارن جي بهتر واڌ ويجهه جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي ٻارن جي غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بينظير نشو و نما پروگرام تحت ڳورهارين عورتن، کير پياريندڙ مائرن ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي غذائيت سان ڀرپ??ر خوراڪ ۽ مشروط مالي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت مند ٻارن جي پيدائش کي يقيني بنائڻ لاءِ مائرن جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان عورتن جي توليدي صحت، ٻارن جي پيدائڻ ۾ مناسب وقفي ۽ نون ڄ??ول ٻارن جي سار سنڀال کي بهتر بنائڻ بابت قدمن لاءِ صوبائي سطح تي صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين سان مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil