اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آذربائيجان کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ تعليمي ۽ پارلياماني مٽاسٽا، رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان ۽ آذربائيجان معيشت، واپار، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ??يو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، باڪو ۾ ملتان سرائي ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ صديون پراڻي لاڳپن جو واضح ثبوت آهي، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ باڪو ۽ ملتان کي ”سسٽر سٽيز“ قرار ڏيڻ گهرجي. صدر ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته ٻئي ملڪ مختلف عالمي فورمز تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ??يو ته عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سياحت، ڪاروبار ۽ تعليم جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻا پوندا، پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تعاون انتهائي اهم آهي، پاڪ آذربائيجان تعاون کي معيشت، واپار ۽ ڪاروبار جي شعبن ۾ وڌائڻو پوندو، مواصلاتي ۽ عوامي رابطن جي فروغ سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي حمايت تي آذربائيجان جي حڪو??ت جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ