اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي ذميوارين تي واپسي تي اتفاق ڪيو آهي، ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عب??اللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جار?? اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ گڏيل طور تي ان ڳاله?? تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفير 26 جنوري 2024ع تائين پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ٿي سگهن ٿا. بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني جي دعوت تي ايران جو پرڏيهي وزير حسين عامر عب??اللهيان 29 جنوري 2024ع تي پاڪستان جو دورو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ