ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي ??ي) نگران وز??راعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وز??راعظم چيو ته اهڙ?? قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستان?? قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستا??ي هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وز??ر سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وز??ر جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وز??راعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو، بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری