اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي هراسان ڪندڙ ماحول ۽ رويو بدلائڻو پوندو، عوامي جاين، ڪم ڪار وارين جاين ۽ گهرن ۾ پڻ سازگار ماحول يقيني بڻائڻو پون??و. ??و ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي اهتمام هيٺ تقريب کي خ??اب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي، هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار، اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر سليم الله، مختلف ملڪن جا سفارتڪار ۽ انساني حقن جي تنظيمن جا نمائندا تقريب ۾ شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب کي خ??اب ڪندي چيو ته اولهه معاشري ۾ تمام گهڻو بعد ۾ عورتن جي حقن جي ڳالهه ٿي آهي، 1400 سال اڳ حضور ﷺ ۽ قران پاڪ عورتن جا حق ٻڌايا هئا، جيڪڏهن اولهه سان ڀيٽ ڪريون ته اسان ??ورتن جو اهو وڃايل مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جيڪو 1400 سال اڳ قرآن ۽ سنت عورتن کي ڏنو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا محمد علي جوهر ۽ شوڪت علي جي والده، امان ??ي جو ڪردار ڏسو يا قائداعظم محمد علي جناح جو رتي جناح کي گڏ کڻي هلڻ، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ محترمه فاطمه جناح ۽ پاڪستان ??ي سياست ۾ بينظير ڀٽو جهڙين عورتن جو ڪردار نمايان نظر اچي ٿو، پاڪستان ??ي اندر ارتقائي عمل جاري آهي، وقت سان گڏوگڏ عورتن جو مقام بلند ٿيندو آيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به شع??ي کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي مالي ضرورتون هونديون آهن پر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اسان کي رڳو پنهنجي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي هراسان ٿيڻ کان ??چائڻ جي لاءِ رڳو 16 ڏينهن ڪافي نه آهي، عورتن کي هراسمينٽ کان ??چائڻ، بااختيار بڻائڻ، بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام، ذهني بيمارين کان ??چاءُ ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ اسان کي مسلسل پيغ??م پهچائڻو پوندو ان ??و مثال اسان وٽ ڪوويڊ 19 جو آهي، ان وبا دوران پاڪستان ??هترين حڪمت عملي اختيار ڪئي، ماسڪ پائڻ، فاصلو رکڻ ۽ احتياطي تدبيرن جي لاءِ هر گهر تائين پيغ??م پهچايوجنهن جا ثمر آيا ۽ پاڪستان ??نيا جي انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن گهٽ جاني نقصانن سان گڏ ڪوويڊ 19 تي ضابطو آندو. صدر چيو ته هر مشڪل بشمول جنگين ۾ به عورتن ۽ ٻارن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو. غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو ويو، ڪهڙو سبب آهي جو اهو ظلم عالمي برادري کي نظر نه اچي رهيو آهي، ڇو عالمي برادري عورتن ۽ ٻارن جي قتل عام تي خاموش آهي. هن چيو ته عورتن کي هراسان ٿيڻ کان ??چائڻ جي لاءِ ميڊيا جو پڻ اهم ڪردار آهي جهڙي طرح پي ٽي اي هڪ سال ۾ ساڍا 14 ڪروڙ ميسجز موڪليا آهن، اهڙي طرح هراسمينٽ جي خاتمي جي حوالي سان پڻ گهر گهر تائين پيغ??م پهچائڻو پوندو. ڊرامن، فلمن، ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي عورتن کي هراسان ٿيڻ کان ??چائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جو پيغام ڏيڻو پوندو. اهو به يقيني بڻائڻو پوندو ته عوامي جاين، ڪار ڪار وارين جاين ۽ گهر جي اندر به عورتن کي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول ميسر آهي. هن چيو ته اسان ??و مذهب، قائداعظم جا افڪار اسان کي اهو سبق ڏين ٿا ته عورتن کي بااختيار بڻائي ملڪ کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو وڃي، ان ??ي عملدرآمد کي تيز کان ??يز تر ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته سپريم ڪورٽ عورتن کي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان وڌيڪ تشريح ڪئي آهي، ان ۾ صنفي هراسمينٽ ڪم ڪار وارين جاين کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن مثال ڏنو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت اپيلن جي ٻڌڻي پاڻ به ڪندو آهيان ۽ تفصيلي جائزو وٺندو آهيان، اهو چيو وڃي ٿو ته ڪي ٺوس ثبوت نه آهن پر منهنجي ويجهو اهي شيون ان وقت تائين سامهون اچي چڪيون هونديون آهن، ان کانپوءِ آڊيو يا وڊيو ثبوت لازمي نه ٿو رهي. ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي محتسب فوزيه وقار چيو ته آئين عورتن جي حفاظت، بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي هر شع??ي ۾ شموليت جو حق ڏي ٿو، عوامي جاين ۽ ڪم ڪار وارين جاين تي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي. وفاقي محتسب کي ٻن سالن دوران 5 هزار درخواستون مليون آهن، سادي ڪاغذ تي درخواست ۽ انتقامي ڪارروائي کان ??حفظ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي عورتن ڪم ڪار وارين جاين تي هراسمينٽ تي بنا ڪنهن خوف اسان ??ان ??ابطو ڪن ٿيون، جيستائين عورتون مطمئن ۽ فيصلن تي عملدرآمد نه ٿو ٿئي تيستائين درخواست نه ٿي اڪلائي وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ??ورتن جي بئنڪنگ سسٽم تائين پهچ ۽ حصو بڻجڻ جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ٽن سالن دوران ??ورتن کي ڊيجيٽل فنانسنگ جي حوالي سان ??نهن جي درن تي وڃي تربيت ڏني آهي، اسان ??ي ڪوشش آهي ته بي آئي ايس پي سان گڏجي 9.3 ملين عورتن جا اڪائونٽ کولرايا وڃن. اسان ??ي عملي قدمن سان هن وقت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 18 سيڪڙو عورتون مختلف شع??ن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن هر سال ان ۾ اضافو پڻ ٿين??و. ??ن چيو ته عورتن جي مالياتي نظام ۾ شموليت ۽ پهچ کي آسان ??ڻائڻ اسان ??ي اولين ترجيح آهي. تقريب دوران ??ندگي جي مختلف شع??ن سان ??علق رکندڙ عورتن جي عملي زندگي، ڪم ڪار وارين جاين تي خدمتن دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ موثر انداز بابت پليٽ فارم تي آواز اٿارڻ تي ٻڌل ڪاميابين تي ٻڌل دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي جنهن کي شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو.
عورتن کي هراسان ڪندڙ ماحول ۽ رويو بدلائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش