لنڊن – 27 – آڪٽ??بر (اي پي پي) پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو و??و. ??اضح رهي ته 27 آڪٽ??بر 1947ع جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جي مرضي ۽ خواهشن جي خلاف سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪيو ه??. ڄ??ون ۽ ڪشمير ڪاري ڏينهن جي هن تقريب ۾ ڪراس پارٽي برٽش پارليامينٽرينز، ڪشميري اڳواڻن، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. هائي ڪمشنر پنهنجي ريمارڪس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان ڏينهن جي موقعي تي جڏهن ڀارت 76 سال اڳ الحاق جي دوکيبا??ي جي بنياد تي سرينگر ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جي خلاف ورزي ڪئي هئي. هن ڀارتي قابض فوج جي هٿان بيگناهه ڪشميرين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڌيان ڇڪرا??و. ??ائي ڪمشنر ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظالماڻي قانونن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي لاءِ عالمي ڪارروائي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. برطانوي پارليامينٽرينز ۽ م??ررين والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني بحران بابت خدشن کي اجاگر ڪندي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??و. ??نن برطانيا جي حڪومت کان ڪشميرين جي حقن جي تحفظ جو مطالبو ڪ??و. ??نن برطانيا جي پارليامينٽ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڌيان ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پهچ فراهم ڪري. انساني حقن ۽ خودمختياري جي معاملي تي زور ڏيندي هنن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي بنياد تي عالمي برادري کان ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان کان اڳ هائي ڪميشن ۾ هڪ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ظلمن جا ثبوت تصويرن جي صورت ۾ ڏيکاريا ويا.
پاڪستان هائي ڪميشن لنڊن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش