بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي جي ملاقات ٿي. ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر رانيل وڪرما سنگهي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجود مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عو??م جي پاڻ ۾ هم آهنگي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ??گر??ن وزيراعظم خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو. ??گر??ن وزيراعظم امن ۽ استحڪام ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا کي درپيش هڪ جهڙن معاشي چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هنن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا عملدار ان حوالي سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻندا جنهن ۾ خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سرفهرست آهي. سريلنڪا جي صدر ??گر??ن وزيراعظم جا پاڪستاني حڪومت ۽ عو??م پاران سريلنڪا جي عو??م جي لاءِ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فلسطينين کي اسرائيلي حملن جي ڪري درپيش مشڪلاتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن فوري طور تي اسرائيلي جارحيت جي خاتمي، غزه ۾ محصور ماڻهن تائين انساني مدد پهچائڻ جي لاءِ لنگهه قائم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جنهن تحت 1967ع م مقرر ڪيل سرحدن سان هڪ فلسطيني رياست جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جو مطالبو ڪيو.
سريلنڪا سان خطي جي وسيع تر مفاد ۾ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعاون جاري رکڻ، امن ۽ استحڪام ۽ رابطي جي فروغ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد