نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان فنڊ کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي عالمي ردعمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊنگ جي ا??تظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي ا?? جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري ا??داز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي. هن چيو ته اڄ جي مشاورت هڪ خوش آئنده موقعو آهي ته ان سان عبوري ڪميٽي جي بحثن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪيو و??ي ۽ اهو ڏسڻ جي لاءِ ته هن سال جي آخر ۾ دبئي ۾ ڪوپ – 28 ۾ ڪميٽي جي ڪم جي ٺوس ۽ نتيجاخيز تڪميل کي ڪيئن يقيني بڻايو و??ي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي آفتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ جيڪي موسمياتي تبديلين جي سڀ کان وڌيڪ خطرن جو شڪار آهن اتي لکين ماڻهن کي شديد تڪليفن، مصيبتن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو ??وي ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ – 28 مان اميدون تمام واضح آهن ته اها لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي حمايت ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. تڏهن کان اسان عبوري ڪميٽي جي عمل ۾ تعميري طور تي مصروف عمل آهيون. هن چيو ته اسان جي مخلصاڻي ا??يد ۽ ڪوشش آهي ته ڪوپ – 28 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ جي لاءِ ان جي اداراجاتي ا??تظامن سان گڏوگڏ ”فنڊنگ جي ا??تظامن“ بابت سمورن باقي مسئلن کي عبوري ڪميٽي جي ا??در حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن ڪمزور اسرندڙ ملڪن کي ا??هن جي ترقي جي سطح ۽ جاگرافيائي گروهه بندي کان هٽي ڪري ا?? جو اهل هجڻ ضروري آهي. ڪنهن به ڪمزور اسرندڙ ملڪ کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. فنڊ کي ڪنهن مخصوص گروپ يا اسرندڙ ملڪن جي گروپن تائين محدود ڪرڻ جي ڪا به تجويز واضح طور تي فنڊ قائم ڪرڻ جي پٺيان گڏيل روح، مقصد ۽ ڪوششن جي خلاف هوندي. هن چيو ته اضافي، مناسب، نان ڊيبٽ پيداوار ۽ گرانٽ تي ٻڌل پبلڪ فنانس لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊنگ جو بنيادي ذريعو هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين ايف سي سي ۽ پيرس معاهدي سان لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ جي ا??ليت جي معيار، پروگرامن ۽ پاليسين جي صف بندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊ کي ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي آپريٽنگ اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح فنڊ وٽ هڪ وقف ۽ خودمختيار سيڪريٽريٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته فنڊ جي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ڪوپ ۽ سي ا??م اي کان رهنمائي جي فراهمي غيرجانبداراڻي طريقي سان ڪئي وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪوپ – 28 ۾ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪوپ 28 ۾ لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ جي ڪامياب آپريشنلائيزيشن جي لاءِ تعميري ا??داز ۾ سمورين ڌرين ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.
لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados