نيويارڪ – 22 – ??يپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وز??ر سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وز??ر ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وز??ر ملاقات دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وز??ر ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ س??حي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa