اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني ۽ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ساڻس وف?? ۾ ??امل آهن. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي ۽ عالمي ترقي جي قدمن ۽ پائيدار ترقي جي هدفن بابت سربراهي اجلاس جي ليڊرز ڊائيلاگ تي اعليٰ سط??ي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پائيدار ترقي جا هدف سمٽ ليڊرز ڊائيلاگ ۾ نگران وزيراعظم خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ درپيش چئلينجن تي روشني وڌي. هن موسمياتي انصاف تي زور ڏنو جنهن ۾ ڪلائميٽ فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي و??عدي جي تڪميل، ان رقم جو اڌ موسمياتي هڪ جهڙائي جي لاءِ رکڻ ۽ ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ جي فوري طور تي شروعات شامل آهي. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي و??ير نيويارڪ ۾ ڪيترن ئي گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ وچ اوڀر جي امن جي لاءِ وزيرن جي سط?? جو اجلاس ۽ او آءِ سي جي فلسطين بابت 6 رڪني ڪميٽي جو اجلاس به شامل آهي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي و??ير بيلاروس، ڪيوبا، ناروي، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي و??يرن سميت پنهنجي ڪيترن ئي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. هن ايشيا سوسائٽي ۾ خطاب پڻ ڪيو. ترجمان چيو ته او آءِ سي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نگران پرڏيهي و??ير فلسطين مسئلي جي لاءِ ٻه رياستي حل جي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ايشيا سوسائٽي ۾ پنهنجي خطاب دوران نگران پرڏيهي و??ير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي عزم تي زور ڏنو جنهن جون پاڙون گڏيل طور تي فائديمند تعاون، گڏيل امن، گڏيل احترام ۽ گڏيل اقتصادي ترقي تي قائم آهن. هن هڪ پرامن پاڙيسريت جي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪيو، جنهن ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پراڻي تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل شامل آهي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا